حبيب الله ناريجو

حبيب الله ناريجو

حبيب الله ناريجو

حبيب الله ناريجو: ناليوارو اڳوڻو شاگرد اڳواڻ حبيب الله ولد ميان محمد ابراهيم ناريجو، 2 ڊسمبر 1950ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ مذهبي ۽ سياسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان (1963ع): بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1968ع ۾ پاس ڪيائين، جتي هو 1967ع ۾ شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. ان کانپوءِ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر سياسي سرگرمين سبب کيس ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، پوءِ حيدرآباد لا ڪاليج مان 1987ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين. پنهنجي دؤر جو هاڪاري شاگرد اڳواڻ رهيو. اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني جو سٺو مقرر رهيو. سندس ابتدا کان وٺي سياسي لاڙو مسلم ليگ طرف هو. 1968ع ڌاري تنظيم ۾ ٻه گروپ ٿيا. سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي هڪ ڌڙي جو صدر رهيو. 1970ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي قائد ذوالفقار علي ڀٽي جي مخالفت ڪرڻ سبب مسلم ليگ جي قيادت کيس مسلم ليگ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو ٻيهر صدر مقرر ڪيو. هن چونڊن دوران بيگم نصرت ڀٽو جي گاڏيءَ تي پٿراءُ ڪيو، کيس هڪ ڪيس ۾ ڇهه مهينا ٽيپ ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ڏني وئي. ٻيو دفعو 1972ع جي آخر ۾ هڪ مهيني لاءِ گرفتار رهيو. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي صدارت جي عهدي تي بيٺو ۽ هارايائين. 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وفاقي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي قانون جي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري تقريب ۾ حفيظ پيرزادي کي ڪن شاگردن ڌڪ هنيو، ان واقعي جو ڪيس مٿس داخل ڪري ڊسمبر 1973ع تي کيس گرفتار ڪري سکر جيل موڪليو ويو. سال بعد آزاد ٿيڻ کانپوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. 1974ع ۾ ٻيهر گرفتار ٿيو. جيل دوران 17 جنوري 1977ع تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. هن عهدي تي 2 دفعا چونڊيو. هي لساني فسادن دوران ڇهن مهينن لاءِ سکر جيل ۾ قيد رهيو. 1981ع تائين مختلف وقتن تي جيلن ۾ بند رهيو. چوڌري ظهور الاهيءَ جي ورسيءَ ۾ شرڪت سبب جساف مان خارج ٿيو. اڳتي هلي ٻيهر جيئي سنڌ تحريڪ جو ميمبر ٿيو ۽ حميده کهڙو جي حمايتي لڏي ۾ شامل ٿيو. 1990ع وارن چونڊن ۾ حميده کهڙي جي قيادت ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف ورڪ ڪيائين ۽ جيئي سنڌ کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1990ع جي چونڊن ۾ لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبليءَ ۽ خيرپور مان صوبائي اسيمبليءَ جو فارم ڀريائين، پر کيس شڪست ملي. 1980ع ۾ شادي ڪيائين. هن شاگرد اڳواڻ کي ڪن نامعلوم ماڻهن حيدرآباد جي ريشم گليءَ ۾ گوليون هڻي 7 اپريل 1992ع تي قتل ڪري ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي ڳوٺ نئين ديري جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.12.02  عيسوي

ناليوارو اڳوڻو شاگرد اڳواڻ حبيب الله ولد ميان محمد ابراهيم ناريجو، 2 ڊسمبر 1950ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ مذهبي ۽ سياسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.


1992.04.07  عيسوي

هن شاگرد اڳواڻ کي ڪن نامعلوم ماڻهن حيدرآباد جي ريشم گليءَ ۾ گوليون هڻي 7 اپريل 1992ع تي قتل ڪري ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي ڳوٺ نئين ديري جي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مولانا محمد نصرالله سومراڻي
عطاء الله خان مينگل سردار
جاگيراڻي برڪت علي جسٽس
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
عبدالقدير خان افغان ڊاڪٽر
خالد بن عبدالعزيز
روشن آرا مغل
راجيش ڀاردواج
قاضي پاٽائي شفيع محمد
سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون